ارشد هالائي

ارشد هالائي

ارشد هالائي

”ارشد“ هالائي: عبدالرحيم ابڙي ”ارشد“ هالائيءَ جي ولادت 15 آگسٽ 1932ع تي هالا شهر ۾ ٿي. پاڻ هالا جي مشهور نعت گو شاعر جان محمد ”اضعف“ هالائيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو ۽ کيس وقت جي سٺن شاعرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. پهرين تخلص ”بيدل“ هئس، ان بعد ”ارشد“ اختيار ڪيائين. مضمون نگار ۽ مقرر هجڻ سان گڏ ڪامياب استاد ۽ تعليمي ماهر هو. سندس ايمانداريءَ، تعليمي مهارت ۽ محنت جي پيش نظر کيس حيدرآباد ضلعي جو ڊي. اي. او مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ نمايان خدمتون بجا آندائين. پڇاڙيءَ ۾ ائگرو ٽيڪنيڪل آفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. شعر و شاعريءَ جي ميدان ۾ ”بزمِ رفيق“ ۽ ”سنياسي ادبي سنگت“ هالا ۾ سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيائين. شاعريءَ ۾ حمد ۽ نعتيه ڪلام کان علاوه گهڻو ڪري اصلاحي ڪلام چيو اٿس. ڪجهه غزل ۽ ڪافيون پڻ سندس ڪلام جو حصو آهن. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ سادگيءَ سان گڏ ٻوليءَ جو ميٺاج ۽ رس پڻ آهي. سندس اسلوب بيان وڻندڙ ۽ دلڪش آهي، جنهن ۾ دردمنديءَ ۽ اصلاح جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا. سندس ڪلام سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. نثر ۾ سندس نصابي توڙي غيرنصابي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ ”رفيق گرامر“ ۽ ”برساتي بوندون“ کي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل آهي. سندس انتقال 23 اپريل 1991ع تي ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو